ٽنڊو گوندل

ٽنڊو گوندل: هن ڳوٺ تي ميرن جي روايت پويان ”ٽنڊو گوندل“ جو نالو رکيل آهي. هونئن ته هن وسندي کي ”گوندل فارم“ به سڏيو وڃي ٿو. هيءُ ڳوٺ ضلعي سانگهڙ جي شهر سنڌڙي کان ڏکڻ طرف هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ميرپورخاص روڊ جي ويجهو واقع آهي. هتان جي زميندار انور گوندل“ اهو نالو هن ڳوٺ تي رکيو. هن ڳوٺ کي ”گوندل فارم“ جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو